سردار شاهه طرفان پنهنجي ئي کاتي خلاف چارج شيٽ پيش، ڪرپٽ ڪامورن جون نوڪريون ختم ڪرڻ جي وارننگ

0
437

تعليم واري وزير پنهنجي ئي کاتي خلاف چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي، نااهل ۽ ڪرپٽ ڪامورن جون نوڪريون ختم ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ جا اسڪول برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن ۽ ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن

هن چيو ته 2 هزار ماڻهن جو اسٽاف رکندڙ ضلعي آفيسر پنهنجن اسڪولن مان پاڻي نه ٿا ڪڍرائي سگهن، پرائيويٽ اسڪولن جا 3 ماڻهو پنهنجن اسڪولن مان پاڻي ڪڍي وٺن ٿا

سردار شاهه چيو ته ڪجهه ڊسٽرڪٽ آفيسرز رڳو ڪميشن کائڻ جي چڪر ۾ آهن، کيسي ۾ پئسا پيل آهن پر اسڪولن لاءِ فرنيچر نه پيا خريد ڪن

صوبائي وزير چيو ته نون ڀرتي ڪيل استادن کي سفارش تي مقرر ڪرڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، ڊِي اِي اوز هفتي اندر سموريون غلطيون سڌاري وٺن

سردار شاهه خبردار ڪيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسرن جون نوڪريون ختم ڪرڻ ۾ دير نه ڪندس

ھي به پڙھندا

مراد علي شاهه ۽ سردار شاهه سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم ۾ رنڊڪون وجهن ٿا: مخدوم سعيد الزمان

استاد ڌرتي جا پٽ آهن ته اسڪول وڃي ٻار پڙهائين:سيد سردار شاهه

سردار شاهه جي تڪ تي پ پ مشڪلاتن جو شڪار، نظرانداز جيالن آزاد پينل ٺاهي ورتو، فارم جمع