سردار تيغو خان تيغاڻي کي شڪارپور پوليس گرفتار ڪيو: ايس ايس پي امير سعود مگسي

0
1240

ڪراچي: ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي دعويٰ ڪئي آهي ته شڪارپور پوليس ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي سردار تيغو خان تيغاڻي کي سندس ٻن پٽن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي امير سعود مگسي جو چوڻ هو ته شڪارپور پوليس ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ سندس ٻن پٽن کي گرفتار ڪيو آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي شهيد ٿيل اهلڪارن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن جي نگراني آئون پاڻ ڪري رهيو آهيان.