سردار تاريخن مٿان تاريخون وٺي اسان کي ٿڪائڻ جي ڪوشش پيا ڪن: ام رباب چانڊيو

0
411

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾  اُم رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين  جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ پاران  دادو جي ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس  روزانو جي بنياد تي هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

ٻڌڻي دوران اُم رباب چانڊيو،  سندس وڪيل ۽ ايم پي اي سردار  چانڊيو جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ ھو ته  اسان ھتي اچون ٿا پيا تقريبن ڇھ مھينن کان، ھاءِ ڪورٽ جا لاڳيتو منھنجا چڪر لڳندا رھن ٿا، مان انصاف جي اميد رکي ئي ھتي اچان ٿي پئي

سردار اسان کي ٿڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اڄ بھ ڪيس ۾ اھو ئي ٿيو تھ ھاءِ ڪورٽ جا ريمارڪس اھي ھئا جج صاحب جا، جيڪڏھن چارج فريم ٿيڻو آھي تھ وڃي ڪيس ھلايو

ام رباب چانڊيو جو چوڻ ھو تھ مطلب ڪھڙي ضرورت آھي تھ توھان ھتي اچي ڪري، تاريخ مٿان تاريخ وٺو ٿا، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ پاران  دادو جي ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس  روزانو جي بنياد تي هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

سردار سدائين تاريخون وٺندا آھن، ھاءِ ڪورٽ ھنن جي پريڪٽس ڏسي رھي آھي، سکر ھاءِ ڪورٽ بھ لکت ۾ چيو ھو تھ ھي جوابدار ڌر جيڪا آھي اھي ڪيس نٿا ھلائڻ چاھين، اھي ڪيس کان ڀڄي رھيا آھن ۽ ڀڄندو ڪير آھي، جيڪو گلٽي ھوندو آھي

ام رباب چانڊيو موجب يقينن سڄي سنڌ ۽ پاڪستان اھا ڳالھ مڃي ٿي تھ سردار قاتل آھن ۽ اسان اميد رکون ٿا عدليھ بھ انشاءَ اللھ جلد ئي ان شئي کي ڪليئر ڪندي ۽ ھنن کي سزا لڳندي، انشاءَ اللھ

ھي به پڙھندا

ميھڙ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي: سردار ڪيس کان ڀڄي رھيا آھن: ام رباب چانڊيو