سرحد (ن پ ا) سرحد ڀرسان ڳوٺ غلام حسين ڪنڊراڻيءَ مان اغوا ٿي ويل خالد ڪنڊراڻي جي وارثن کان ڌاڙيلن  پاران 25 لک ڀنگ طلب، رقم جلد نه پهچائڻ جي صورت ۾ مغويءَ جي قتل جي ڌمڪي. خبر موجب 2 هفتا اڳ اغوا ٿي ويل  ڳوٺاڻي خالد حسين ڪنڊراڻيءَ کي گھوٽڪي کان ڳوٺ غلام حسين ڪنڊراڻي ايندي رستي مان اغوا ڪيو ويو هو. ڌاڙيلن مغويءَ جي وارثن کي فون ڪري بازيابيءَ لاءِ 25 لک رپيا ڀُنگ طلب ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ مغوي خالد ڪنڊراڻي جي والد نظير احمد ڪنڊراڻي، نصيب، رشيد ڪنڊراڻي ۽ ٻين سرحد پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته روز ڪمائي روز کائيندڙ مسڪين آھيون، 25 لکن جي ڀُنگ جي رقم ڪٿان آڻيون. ھن مهل تائين پوليس ڪيس داخل نه ڪيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مغوي خالد حسين ڪنڊراڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.  ٻئي طرف سرحد پوليس جو چوڻ آھي ته اغوا واقعو گهوٽڪي پوليس جي حد ۾ پيش آيو.