سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) جهانپور واسي فوجي جوان هرکجي اغوا، 50 لک رپيا ڀُنگ طلب. خبر موجب سرحد ڀرسان جهانپور شريف واسي 26 سالن جو فوجي جوان عزيز الله ولد غلام فريد سومرو، آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد وسطي جيوڻ شاهه جي ڪچي مان اغوا ٿي ويو. نوجوان جي بازيابيءَ عيوض ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کان 50 لک رپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ مغوي فوجي جوان جي وارث محمد بخش سومرو جو چوڻ هو ته فوجي جوان عزيز الله سومرو ڪرائي تي موٽرسائيڪل ڪرائي ڪچي طرف ويو ته کيس اغوا ڪيو ويو، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک رپيا ڀُنگ طلب ڪيو آھي. هن ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو کي اپيل ڪئي ته فوجي جوان عزيز الله سومرو جي بازيابي ۾ مدد ڪئي وڃي. ھوڏانهن ايس ايچ او آندل سندراڻي انور علي شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوجي جوان عزيز الله سومرو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آھي. مغوي نوجوان جي وارثن ٿاڻي تي اطلاع ڪيو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، مغوي فوجي جوان کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.