سرحد: لڍڙ ٻيلي مان لکڻ برادري جا 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا

0
238

سرحد: آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان لکڻ برداري جا 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن، جن ۾ سليم لکڻ، صدورو لکڻ، ۽ هبن لکڻ شامل آهن .ٽيئي پورهيت لڍڙ ٻيلي مان ڪاٺيون ڪرڻ ويا ته کين اغوا ڪيو ويو آھي .لکڻ برادري جي پورهيتن کي ڌاڙيل جمعون شر جي ٽولي پاران اغوا ڪرڻ جا چئوٻول آھن، آندل سندراڻي پوليس مغوين جي بازيابي لاء ڪجهه به نه ڪري سگهي، وارثن راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون