سرحد (ن پ ا ) سرحد ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي زونگ هوٽل ڀرسان هٿياربندن ميرپور ماٿيلو کان سکر ويندڙ موبل جي سوزوڪي کي روڪي خيرپور واسين شرف الدين ناريجو ۽ ممتاز شيخ کان 80 هزار روڪ رقم، موبائل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ متاثر ممتاز شيخ جو چوڻ هو ته هٿياربندن روڪي ڦر ڪري روڊ ڀرسان گاڏي بند ڪري ان جون چاٻيون به پاڻ سان گڏ کي ويا اطلاع ڏيڻ باوجو پوليس تحرڪ نه ورتو.