سرحدن جي تحفظ کان وڌيڪ مٿانهون ڪجهه به نه آهي: آرمي چيف

0
268

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سرحدن جي تحفظ کان وڌيڪ مٿانهون ڪجهه به نه آهي، پاڪ فوج سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي

آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان پاڪ افغان سرحد جو دورو ڪيو ويو آهي، آرمي چيف پاڪ افغان سرحد تي مقرر فوجي جوانن سان گڏ عيد ملهائي

فوٹو: آئی ایس پی آر

 آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي پاڪ افغان سرحد پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي

 جنرل عاصم منير آفيسرز ۽ جوانن جي بلند حوصلن جي ساراهه ۽ آپريشنل تياري جي واکاڻ ڪئي، آرمي چيف شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن وارثن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو

هي به پڙهندا

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي