ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سکر بيراج تي 3 ڏينهن کان لڙهندڙ 3 لاشن جي وڊيو شيئر  ڪري ڇڏي. سراج الحق ٽوئيٽر تي اها وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ لاشن کي ترندي ڏسي سگهجي ٿو. هن لکيو ته سکر بيراج وٽان گذرڻ ٿيو، ٽن ڏينهن کان اتي لاش تَري رهيا آهن، روهڙي ٿاڻي ۽ سکر ٿاڻي ۾ حدن جي اختلاف سبب انهن کي نه پيو ڪڍيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ڪهڙي قسم جي خراب حڪمراني ۽ سنگدلي آهي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته 23 لاش ڏٺا ويا، رڳو 6 کي ڪڍيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سراج الحق موجوده صورتحال کي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ قرار ڏنو.