سدائين دير سان فيصلا وڌيڪ نقصان پهچائيندا آهن

0
155
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته جڏهن مصيبت اچي مٿان پوندي آهي پوءِ ان کان بچاءَ لاءِ قدم کڻڻ جون ڪوششون ڪندا آهيون پر جڏهن انهي جي اچڻ جو اطلاع يا آگاهي هوندي آهي ان وقت تائين سڪون سان ستا پيا هوندا آهيون، تنهنڪري هميشه وڌيڪ نقصان (جاني توڙي مالي) برداشت ڪندا رهندا آهيون. انهي سان گڏ اهو به ٿيندو آهي ته ڪڏهن به پنهنجي ماضي ۾ ڪيل اهڙين غلطين مان سبق پرائي ڪجهه به سکڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون.هاڻي به ڪجهه اهڙو ئي ڪري رهيا آهيون جو ڪورونا جو نئون ويرينٽ تباهي مچائڻ لاءِ ڪڙڪي چڪو آهي  ۽ ذري گهٽ هر پنجون ماڻهو انهي جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي ڪراچي ۾ ته صورتحال ان کان به وڌيڪ خراب آهي،  تڏهن اسان اکيون پٽيون آهن ته ان کي هاڻي ڪيئن منهن ڏجي؟ ان لاءِ اسان نوان ايس او پيز  اختيار ڪرڻ يا جاري ڪرڻ تي بحث ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون پر جڏهن ٻين ملڪن ۽ آسپاس اومي ڪرون جي ڦهلجڻ جون خبرون اچي رهيون هيون ۽ اسان انهي کان بچيل هياسين تڏهن ئي اهي احتياطي اپاءُ ورتا وڃن ها ته شايد هن پئماني تي انهي ڪورونا جي نئين ويرينٽ اومي ڪرون کي پکڙجڻ جو موقعو ئي نه ملي ها ۽ جيڪڏهن وڏي پئماني تي ويڪسين ٿيل هجي ها ته اهو اومي ڪرون پکڙجي به ها ته ان جو ايترو نقصان نه ٿئي ها پر اسان هاڻي انهي ويڪسينيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون.

ڪورونا جڏهن سڄي دنيا کي پريشان ڪري رهيو هو ته ان وقت به طبي ماهر اهو چئي رهيا هئا ته ڪورونا کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي پر ان کي وڌيڪ پکڙجڻ ۽ نقصان کان بچڻ لاءِ هڪ ته پنهنجو “لائيف اسٽائيل” تبديل ڪرڻو پوندو ٻيو ويڪسين جو انتظار ڪرڻو پوندو ته جيئن ان جي نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي.جنهن انداز ۾ ڪورونا  شروعاتي سال نقصان پهچايو ويڪسين اچڻ کان پوءِ سڄي دنيا  ان ويڪسين جي عمل کي تيز ڪري ڇڏيو پر اسان وٽ ان دوران به وفاق ۽ صوبي ۾ هم آهنگي نه هجڻ ڪري  اختلاف ٿيندا رهيا،جنهن جو وڏي ۾ وڏو نقصان اهو ٿيو جو ويڪسينيشن جو عمل سست رهيو.وفاق صوبي تي الزام هڻندو رهيو ۽ صوبو وفاق کي ذميوار ڪوٺيندو رهيو.جيئن تيئن ڪري اهو ڪورونا جي شدت وارو وقت گذري ويو ته ويڪسينيشن جو عمل به سست ٿي ويو جنهن ڪري مڪمل طور ويڪسين نه ٿي سگهي.

اوچتو ئي اوچتو ڪورونا جو نئون ويرينٽ سامهون آيو جنهن کي اومي ڪرون جي نالو ڏنو ويو اهو ويرينٽ پهريون  آمريڪا يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ظاهر ٿيو انهي جي پکڙجڻ جي رفتار به اڳئي قسم کان تيز ٻڌائي پئي وئي جنهن ڪري دنيا وري  لاڪ ڊائون ۽ ٻيا قدم کڻڻ شروع ڪيا پر پاڪستان اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به ويڪسين جي عمل کي نه تيز ڪيو نه شروعاتي طور انهي نئين ويرينٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي قدم کنيا جنهن ڪري اهو ويرينٽ جڏهن پاڪستان پهتو ته تيزي سان ڦهلجڻ لڳو. پهرين ڪراچي خطري واري شرح کي ٽپي ويو،پوءِ لاهور، اسلام آباد پنڊي ۽ حيدرآباد مطلب پاڪستان جا سڀ وڏا شهر انهي اومي ڪرون جي حملي هيٺ آهن، جنهن کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ويڪسنيشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اين سي  او سي جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن شهرن ۾اها شرح وڌيڪ آهي انهن لاءِ نيون ايس اوپيز جاري ڪيون وينديون جيڪا دير سان ئي سهي پر بهتر ڳالهه ٿي آهي انهي کان وڌيڪ بهتر ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري وفاق يا صوبا هم آهنگي سان گڏيل فيصلا ڪري رهيا آهن اڳ وانگر هڪٻئي تي الزام تراشي ڪري ڪير به الڳ الڳ فيصلو نه پيو ڪري.

اسان سمجهون ٿا ته  هن وبا کي منهن ڏيڻ جو طريقو ئي ويڪسينشن آهي انهي کان سواءِ هن مسئلي کان جان نه ٿي ڇڏائي سگهجي ۽ ٻيو جيڪي به نيون يا اڳ واريون ايس اوپيز جاري ٿين ٿيون ان تي عمل ڪرڻ لازم آهي. اها حقيقت مڃڻي پوندي ته ڪورونا جو خاتمو ويجهڙ ۾ ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، اها وبا وري وري اچڻي آهي ان ڪري مڪمل ويڪسينيشن ۽ ايس اوپيز تي عمل ڪري پنهنجو لائيف اسٽائيل تبديل ڪري پاڻ کي ۽ ٻين شهرين کي جاني توڙي مالي نقصان کان بچائي سگهجي ٿو. اهو ڪم حڪومت جو به آهي ته شهرين جو به سهڪار حڪومت کي گهربل آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي.