ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اسيڪشن اسٽار رتڪ روشن انڪشاف ڪيو آهي تل فلم وار جي شوٽنگ دوران مون مٿان ايترو سخت قسم جو ڊپريشن طاري ٿيو هو جو مونکي پنهنجي موت جو خوف ٿيڻ لڳو هو. اداڪار 2019ع ۾ فلم وار جي شوٽنگ دوران پنهنجي ڊپريشن جي تجربو ماڻهن سان شيئر ڪيو. فٽنس ٽرينر ڪرس گيٿن سان ڳالهائيندي اداڪار چيو ته مونکي محسوس ٿيندو هو ته مان شوٽنگ دوران مري ويندس. هن ٻڌايو ته مان ان وقت فلم ۾ پرفيڪشن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس ۽ مان ان لاءِ تيار نه هيس. رتڪ روشن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن مان مڪمل طور تي ڊپريشن جو شڪار ٿي ويس ته مونکي سمجهه ۾ آيو ته هاڻي زندگي ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي. ايڪشن ٿرلر فلم “وار” کي 2019ع ۾ رليز ڪيو ويو ۽ اها رتڪ روشن جي ڪيريئر جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي واري فلم ثابت ٿي آهي.