سحر شاهه جو ڀاءُ جي قتل جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي خط

0
504

سحر شاهه جو ڀاءُ جي

حيدرآباد: ناليواري براڊ ڪاسٽر ماڪن شاهه رضوي جي نياڻي سحر شاهه نوجوان ڀاءُ جي قتل جي جاچ ڪرائڻ لاءِ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو

سحر شاهه خط ۾ چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ جو 5 نومبر تي گهر مان لاش مليو، گهر کي ٻاهران تالو لڳل هو، گهر ۾ رت جا نشان به هئا

سحر شاهه لکيو ته گهر مان ليپ ٽاپ، سونا زيور ۽ ٻيو سامان به گم آهي، پوليس واقعي جي درست جاچ نه پئي ڪري

سحر شاهه موجب منهنجو ڀاءُ ريڊيو تان پيار ۽ محبت جو پيغام ڏيندو هو، اسان جي خاندان آرٽ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، منهنجي ڀاءُ جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي قاتلن کي وائکو ڪيو