ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور فنڪاره سجل علي “امرائو جان ادا” جي ڪلاسڪ ڪردار ۾ نظر ايندي. اردو ادب جو ڪلاسڪ ناول “امرائو جان ادا” مرزا هادي رسوا 1899ع ۾ لکيو هو ۽ ان ۾ 19هين صديءَ جي ثقافت، معاشري ۽ محلن جي زندگي کي ڏيکاريو ويو آهي. ڪلاسڪ ناول تي ٻڌل ڪيترائي ڀيرا پراجيڪٽ ٺهي چڪا آهن ۽ نئون پراجيڪٽ پاڪستاني پروڊيوسر حامد حسين ٺاهي رهيو آهي. حامد حسين جو چوڻ آهي ته مان پروجيڪٽ بابت گهڻو نٿو ٻڌائي سگهان پر اسان “امرائو جان ادا” تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سجل علي ان ۾ مک ڪردار ادا ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ فلم بدران 8 حصن تي مشتمل سيريز هوندي، اسان ان سيريز لاءِ 2 عورت فنڪارائن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون جن مان هڪ سجل علي آهي.