سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) سجاول ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون مڪمل ٿيڻ جي ويجهو پھچي ويون آھن. ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سجاول ضلعي ۾ 221 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. جن ۾ 37 پولنگ اسٽيشنون مردن جون 37 پولنگ اسٽيشنون عورتن جون ۽ 147 پولنگ اسٽيشنون گڏيل قائم ڪيون وينديون.  انھي کان علاوه 221 پولنگ اسٽيشنن مان 42 انتھائي حساس ۽ 179 حساس پولنگ اسٽيشنون قرار ڏنيون ويون آهن. سجاول ضلعي جي ڪل 779062 آدمشماري مان سڄي ضلعي ۾  رجسٽرڊ ووٽن جو تعداد 408836 آھي. جن ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 225862 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 182974 شامل آھي جيڪي 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.  سجاول ضلعي ۾ 37 يونين ڪائونسلون ۽ 5 ٽائون ڪميٽيون آهن، جڏهن ته ضلعي ڪائونسلن جي سيٽن کي ملائي 253 سيٽون رکيل آھن.جن ۾ چيئرمين / وائس چيئرمين جون 37 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرز جون 37 جنرل ڪائونسلرن جون 148 ٽائون ڪميٽي جنرل ڪائونسلرن جون 31 سيٽون شامل آھن. جن مان چيئرمين/ وائس چيئرمين جي سيٽن تي 19 اميدوار، جنرل ميمبر جي سيٽن تي 88 اميدوار، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرن جي سيٽن تي 24 اميدوار ۽ ٽائون ڪميٽين جي جنرل ميمبر سيٽن تي 5 اميدوار سميت 136 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن. جن مان ٽن جو تعلق جمعيت علماء اسلام ٻه آزاد اميدوار ۽ 129 ڪامياب ٿيڻ وارن جو تعلق پيپلز پارٽي سان آھي. جڏهن ته ٻن اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب 253 سيٽن مان باقي رڳو 115 سيٽن تي اميدوارن پاران چونڊ وڙھڻ جو امڪان آھي.