سجاول (رپورٽر)  سجاول ۾ ٽائون ڪاميٽي جو آزاد اميدوار کنڀجي ويو، جنهن کي احتجاج بعد آزاد ڪيو ويو. ان ڏس ۾ گذريل رات دير سان ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 10 تي بلدياتي اليڪشن  ۾ حصو وٺندڙ آزاد اميدوار شاھ حسين شيخ سجاول ۾ پنھنجي اوطاق تي ويٺل ھو ته پوليس جي ٻن موبائلن ۾ سوار اھلڪار ڇاپو ھڻي کيس گرفتار ڪري ويا۔ شاھ حسين شيخ جي گرفتاري جي خبر ملڻ تي سندس وارثن جي اڳواڻيءِ ۾ شيخ برادري ۽ وارڊ 10 جي ووٽرن سميت سوين شھري گڏ ٿي ويا جن سجاول برانچ وٽ ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو۔ ڌرڻي ۾ گرفتار اميدوار جي وارثن ۽ ووٽرن رمضان شيخ، ذوالفقار عمراڻي، معشوق عمراڻي، عنايت الله ھوڙائي ۽ ٻين پيپلز پارٽي تي الزام مڙھيندي چيو ته شاھ حسين شيخ کي پيپلز پارٽي جي اميدوار سامھون ھٿ کڻائڻ لاءِ انتقامي ڪاروائي طور سجاول پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو ويو آھي. هنن چيو تہ شاھ حسين شيخ وارڊ 10 جو مضبوط اميدوار هئڻ ڪري مخالفن کي پنهنجي شخصت نظر اچي رهي آهي تنهن ڪري هو اهڙين انتقامي ڪاروائين تي لهي آيا آهن. مظاھرين جو چوڻ ھو تہ جنھن ڪيس ۾ شاھ حسين شيخ جي گرفتاري ڏيکاري پئي وڃي انھن ۾ شاھ حسين شيخ جي عدالت پاران ضمانت منظور ڪيل آھي. ھوڏانھن ايس ايڇ او سجاول اياز ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ شاھ حسين شيخ کي ڪراچي پوليس گرفتار ڪيو آھي، سندس خلاف سائوٿ ڪراچي جي درخشان ٿاڻي تي ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جا ڪيس داخل آھن. ھوڏانھن گرفتار اميدوار شاھ حسين شيخ جي گرفتاري خلاف سخت احتجاج ٿيڻ بعد پوليس کيس گرفتاري جي پنج ڪلاڪن بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي.