سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ فرينڊس بوڪ فورم پاران ٻن ڏينهن جو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو۔ پبلڪ پارڪ سجاول ۾ فرينڊس بڪ فورم پاران شھري اتحاد سجاول جي تعاون سان “عطاءالله ميمڻ ڪتابي ميلو ” گذريل ڏينهن شروع ٿي ويو، جنهن جو عوامي تحريڪ ضلعي صدر حسين آزاد ميمڻ، نثار ميمڻ ۽ منير ميمڻ سميت شھري اتحاد جي ٻين اڳواڻن گڏجي افتتاح ڪيو، ميلي ۾ علمي، ادبي، تاريخي، شاعري، ناول نگاري، اسلامي تاريخي ۽ ٻارن جي ڪهاڻين سميت وڏي انگ ۾ مختلف ڪتابي مجموعا رکيا ويا آهن۔ ٻن ڏينهن واري ڪتابي ميلي ۾ سجاول شهر سميت ضلعي جي مختلف شهرن جي شاگردن، استادن، اديبن، شاعرن، صحافين، سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين سميت وڏي تعداد ۾ هر مڪتب فڪر جي ماڻهن جي آمد شروع ٿي وئي آهي. سڄاڻ ڌرين حسين آزاد ميمڻ، نجيب سرويچ، فقير اڪرم زنگيجو، سيد منصور علي نقوي ۽ ٻين جو چوڻ هو تہ فرينڊس بڪ فورم پاران شھري اتحاد جي تعاون سان ٻن ڏينهن لاء ڪتابي ميلو لڳائي نوجوان نسل ۾ ڪتابن ۽ علمي رحجان پيدا ڪرڻ جو سٺو موقعو ڏنو آهي، هنن چيو تہ ڪتابي ميلو خاص ڪري شاگردن لاء اهميت جوڳو آهي، ڪتاب انسان جا بهترين دوست آهن، جن کي پڙهڻ سان اسان پنهنجي علمي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪري سگهون ٿا۔ هنن ميڊيا جي توسط سان ضلعي جي عوام کي دعوت ڏيندي چيو تہ هو هن ڪتابي ميلي ۾ پهچي ڪتاب خريد ڪري پڙهن ۽  پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪن۔