سجاول (رپورٽر) سجاول ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جا سرڪاري ۽ حتمي نتيجا پڌرا، ضلعي جي ڪل 253 سيٽن مان 224 سيٽون پيپلز پارٽي کڻي ورتيون آهن، نتيجن مطابق پ پ سميت 7 سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن پڻ چونڊن ۾ زور آزمايو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نمبر تي آزاد اميدوارن 21 سيٽون، 5 سيٽن تي جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ (ن) فقط 1 سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ راھ حق پارٽي هڪ به سيٽ کٽي نه سگهيون آهن، پوري ضلعي ۾ 253 سيٽن مان 2 اميدوارن جي فوت ٿي وڃڻ بعد باقي 251 سيٽن مان 161 سيٽون تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا هئا، جڏهن ته 15 جنوري تي باقي بچيل 90 سيٽن تي چونڊون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ 90 سيٽن مان پيپلز پارٽي جا اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيا آهن، سرڪاري نتيجن موجب 90 سيٽن لاءِ 329 نامزد اميدوارن وچ ۾ ٿيل مقابلن ۾ پيپلز پارٽي 70 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته جي يو آئي 2، ن ليگ 1 ۽ 17 سيٽون آزاد اميدوارن حاصل ڪيون آهن، 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سجاول ضلعي جي 90 سيٽن مان ضلعي ڪائونسل جي 8، يو سي چيئرمين جي 11 ۽ جنرل ڪائونسل جي 71 سيٽن تي چونڊ عمل ۾ آئي، جنرل ڪائونسلرن جي 71 سيٽن ۾  ٽائون ڪميٽين جي 19 وارڊن ۽ يوسين جي 52 وارڊن جون سيٽون شامل آهن، ٽائون ڪميٽين جي جنرل ڪائونسل جي ڪل 19 وارڊن ۾ سجاول ٽائون ڪميٽي جا 8 وارڊ، ميرپور بٺورو جا 4 وارڊ، دڙي ٽائون ڪميٽي جا 4 وارڊ، جاتي ٽائون ڪميٽي جا 3 وارڊ شامل آھن، جتي اليڪشن ٿي ، جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي ڪائونسل جي 8 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ پيپلز پارٽي 7 ۽ هڪ سيٽ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته يوسي چيئرمين جي 11 سيٽن مان 8 پيپلز پارٽي، 1 جي يو آئي ۽ 2 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ٽائون ڪميٽين جي 19 جنرل ڪائونسلرن جي سيٽن مان پيپلز پارٽي 16 جڏهن ته 1 تي جي يو آءِ ۽ 2 سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، يونين ڪائونسل جي 52 جنرل ڪائونسلرن جي سيٽن مان پيپلز پارٽي 38 سيٽون حاصل ڪيون آهن، ن ليگ 1 ۽ 13 سيٽون آزاد اميدوارن حاصل ڪيون آهن، حاصل ڪيل انگ اکرن موجب سجاول ضلعي جي مڪاني چونڊن ۾ 161 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي اچڻ ۽ 2 اميدوار فوت ٿي وڃڻ بعد 2 ڏينهن اڳ 90 سيٽن تي مختلف پارٽين ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ دلچسپ مقابلا ٿيا، ان سلسلي ۾ سرڪاري نتيجن موجب سجاول ٽائون ڪميٽي جي 8 وارڊن تي ٿيل چونڊن جي سرڪاري حتمي نتيجن موجب ٽائون ڪميٽي سجاول جي وارڊ نمبر 01 تي پ پ اميدوار ملڪ قاسم ملاح 581 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار ياسين آرائين 343 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو، وارڊ نمبر 02 تي پ پ اميدوار ساجد مصطفي لغاري 401 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار رمضان شيخ 286 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو، وارڊ نمبر 04 تي پ پ اميدوار سڪندر هٿيار 477 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ جي يو آئي جو نظير احمد هٿيار 73 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو، وارڊ نمبر 05 تي جي يو آئي اميدوار مولوي حسن قاسمي 408 ووٽ کڻي ڪامياب کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ پ پ جو احمد ميمڻ  285 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو، وارڊ نمبر 06 تي پ پ اميدوار سنيل ڪمار 534 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار منير ميمڻ 483 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو، وارڊ نمبر 08 تي پ پ اميدوار ظفر حميد ميمڻ 576 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ ايس ٽي پي جو ممتاز علي لغاري 120 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو، وارڊ نمبر 09 تي پ پ اميدوار شھزاد شاھ 809 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ جي يو آئي جو ادريس سومرو 235 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رھيو جڏهن تہ وارڊ نمبر 10 تي آزاد اميدوار شاھ حسين شيخ 349 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ پ پ جو فراز لغاري 200 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو،جڏھن ته باقي 3 وارڊن، وارڊ نمبر 03 تي جي يو آئي جو آفتاب پنهور، وارڊ نمبر 07 تي پ پ جو حاجي محسن خاصخيلي ۽ وارڊ نمبر 11 تي پ پ جي سيد آفتاب شاھ شيرازي بنامقابلي ڪامياب ٿيا.  ٽائون ڪميٽي جاتي جي 4 وارڊن مان وارڊ نمبر 2 تي پيپلز پارٽي جو اميدوار حاجي محمد قريشي بنا مقابلي چونڊجي ويو هو، جڏهن ته باقي ٽن وارڊن تي ٿيل چونڊن ۾ وارڊ نمبر 1 تي پيپلز پارٽي جو محمد جمن ملڪاڻي 592 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته آزاد اميدوار اشرف ٿهيم 301 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار غلام مصطفيٰ سيال 294 ووٽ کڻي ڪامياب، جڏهن ته آزاد اميدوار جاويد ٿهيم 242 ووٽ کنيا، وارڊ نمبر 4 ۾ پ پ جو حاجي يوسف ميمڻ 694 ووٽ کڻي ڪامياب، جڏهن تہ آزاد اميدوار دلدار سميجو 640 ووٽ کڻي هارائي ويو،ميرپور بٺورو ٽائون ڪميٽي جي 4 ئي وارڊن ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا. جن ۾ وارڊ نمبر 1 تي پ پ جو شريف اختر خٽڪ 524 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن تہ جي يو آءِ جو مولوي طفيل احمد کٽي 308 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ نمبر 2 تي پيپلز پارٽي اميدوار اياز سوهو 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن تہ قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار 98 ووٽ حاصل ڪيا، وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار غلام علي خواجه 391 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن تہ جي يو آئي جو طاهر کٽي فقط 36 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار حاجي حبيب الله ميمڻ 688 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن تہ جي يو آئي اميدوار مولوي محمد پرهياڙ 159 ووٽ کڻي هارائي ويو۔ جڏھن تہ دڙو ٽائون ڪميٽي جي 4 وارڊن مان وارڊ نمبر 1 ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار علي اڪبر عيساڻي بنا مقابلي چونڊجي ويو. جڏهن تہ باقي 3 وارڊن مان وارڊ نمبر 2 ۾ آزاد اميدوار خان محمد ڪانڌرو 314 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو اميدوار ارباب ذڪريا 297 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار اياز سومرو 264 ووٽ کڻي ڪامياب، جڏهن ته ن ليگ جو اقبال سومرو 142 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار ارباب نجيب الله 534 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن تہ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اقبال سومرو 142 ووٽ کڻي هارائي ويو،ٽائون ڪميٽي چوهڙ جمالي جي 7 ئي وارڊن ۾ جي يو آئي سميت ٻين پارٽين ۽ آزاد اميدوارن پ پ اميدوارن جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ بعد پ پ جا اميدوار ڪائونسلر جي سيٽن تي چونڊجي ويا.