سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ نيڪال سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ شهري جنازا گٽرن جي پاڻي مان گذارڻ تي مجبور آهن. ان ڏس ۾ سجاول جي وارڊ نمبر5، 8، 9 ۽ 10 ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻجي وڃڻ سبب گذريل ٽن مهينن کان ڄاڻايل وارڊن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي۔ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب شهري حياتي ۾ ته بنيادي انساني سهولتن کان محروم آهن پر مرڻ بعد به کين سڪون نه ملي سگهيو آهي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن شهري گلزار ميمڻ ۽ مٺو ميمڻ جي امڙ جي لاڏاڻي تي مرحومه جو جنازو گندي پاڻي مان گذاري قبرستان تائين پهچايو ويو۔ ان سلسلي ۾ شهرين ڊاڪٽر دين محمد ميمڻ، ماما عبدالغفور، عبدالقادر، منور ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب اسان گذريل ٽن مهينن کان عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون۔ هنن سنڌ حڪومت، ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ۽ ڊي سي سجاول کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته وارڊ نمبر 9 جي ڊرينيج سسٽم کي بهتر ڪري هن ٻوڏ واري عزاب کان نجات ڏياري وڃي.