سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي آهي. ميرپور بٺورو روڊ تي ٽيماڻي جي لڳ ڳوٺ عبدالرشيد ماڇي جي پرائمري اسڪول جي عمارت جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري عمارت زبون حال بڻجي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي پڻ کوٽ آهي، عمارت زبون حال ٿيڻ ڪري ڪنهن به وقت ڪري وڃڻ سبب ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ اسڪول جا استاد 70 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول جي گرائونڊ تي کلي آسمان هيٺ پلاسٽڪ جي چٽائين تي پڙهائي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن رمضان ماڇي، آصف ماڇي، نواز ملاح، ممتاز ملاح ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت انتهائي خطرناڪ بڻجي وئي آهي جيڪا ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي ۽ عمارت ڪرڻ سبب ڪو اڻ وڻندڙ واقعو ٿيڻ جي خطري سبب اسان هر وقت پريشاني ۾ مبتلا رهون ٿا، هنن چيو ته اسڪول جي عمارت زبون حال ٿيڻ ۽ فرنيچر نه هئڻ ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهن، جنهن بابت اسان تعليم کاتي سجاول جي عملدارن کي اطلاع ڏنو آهي پر انتظاميا اسڪول جي نئين عمارت تعمير ڪرائڻ ۽ فرنيچر سميت سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عمارت ٺهرائي سهولتون ڏنيون وڃن.