سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ گيس جي لوڊ شيڊنگ شهرين کي شديد پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي صبح ۽ ٻنپهرن جي وقت تي گيس جو پريشر گھڻي حد تائين گھٽجي وڃڻ ڪري گهرن ۾ عورتن کي رڌ پچاء ۾ شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻون پئجو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ شهرين عبدالشڪور کٽي، شڪيل ميمڻ، عمران ميمڻ، خالد ڪهرائي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته روزاني صبح ۽ ٻنپهرن جي وقت گيس جي لوڊ شيڊنگ مهانگائي جي ستايل شهري کي عزاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، گهرن ۾ سانجاڻ نه ٿيڻ ڪري مهانگائي جا ستايل شهري هوٽلن تان مهانگي اگھ ۾ کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪن ٿا ۽ ڪي وري مهانگي ايل پي جي گيس جو استعمال ڪن ٿا. هنن مطالبو ڪيو آهي ته گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.