سجاول: چونڊيل نمائندن ۽ شهرين پاران پاڻي کوٽ خلاف ريلي

0
223

سجاول:پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي حڪم تحت سجاول ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف پيپلز پارٽي ضلعي ايم پي اي صدر محمد علي ملڪاڻي ايم اين اياز شاه شيرازي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ هزاري ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ”پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا“ جا نعرا هنيا. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ کي ڏنو وڃي، پاڻي نه هئڻ ڪري سجاول ضلعي جون زمينون بنجر ٿي رهيون آهن. هنن چيو ته پاڻي نه هئڻ ڪري ساحلي علائقي جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن، ساحلي علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي.