سجاول (رپورٽر) سجاول شهر ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني ۽ گرميءَ ۾ اضافو ٿيندي ئي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو. بغير ٽائيم ٽيبل لوڊشيڊنگ سبب ڪيترن ئي گھرن، دڪانن ۾ اليڪٽرانڪ جو سامان سڙي ويو. سجاول ۾ گرميءَ ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ واپڊا وارن جي عوام آزار حرڪتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. سجاول ضلعي جي مختلف شهرن دڙو، ميرپوربٺورو، چوھڙجمالي، جاتي سميت اڪثر ڳوٺن ۾ گذريل ڏينھن کان بجليءَ جي اکٻوٽ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنھن سبب رمضان شريف ڀلاري مهيني ۾ روزيدارن کي مشڪلات جو منھن ڏسڻو پئجي رهيو آھي. شھرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيئن گرمي ۾ اضافو ٿيو آھي ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني لوڊشيڊنگ ختم ڪري صارفن جي پريشاني دور ڪئي وڃي.