سجاول جي پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نوجوانن جي اغوا جي تصديق

0
205

سرحد (رپورٽر) سجاول جي پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نوجوانن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، ڌاڙيلن پاران مغوين جي وارثن کي فون، ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي

مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته عمر ساند ۽ ڪريم ساند فون  ڪري ٻڌايو ته کين ڌاڙيلن ڪچي ۾  يرغمال بڻائي رکيو آهي، جڏهن ته ٽائيم نيوز مغوين جي وارثن کي  ڪيل فون ڪال جو آڊيو هٿ ڪري ورتو آهي

مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڀنگ جو  مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، غريب آهيون ڀُنگ جي رقم ڪٿان آڻيون

هٿ آيل آڊيو ۾ مغوي وارثن کي روئيندي چئي رهيا آهن ته اسان کي جهنگ ۾ رکيو ويو آهي، پئسا ڏئي ڇڏايو، اسان مٿان تشدد ڪيو وڃي ٿو

هي به پڙهندا

سکر، جوهي ۽ ٽنڊو آدم ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار