گهارو (ن پ ا) سجاول واسڻ 18 ورهين جي ناري رخسانا خاصخيلي نوجوان اشرف ولد خميسو ڪونجڙيو ملاح سان ٺٽي ۾ جسٽس آف پيس آڏو پسند جي شادي ڪري ڇڏي آھي. گھاري  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جوڙي چيو ته اسان رضا خوشي سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آھي ناري رخسانه پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته مون کي نه ڪنهن اغوا ڪيو آھي  پسند جي شادي ڪرڻ تان منهنجا مائٽ دشمني تي لهي آيا آھن ۽ اهي اسان کي جان کان مارڻ چاهين ٿا انهن منهنجي مڙس خلاف ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو آھي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.