سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجي ۾ پير سيد محمد شاھ جي ميلي جي شروعات سنڌ جَي ثقافتي راند ملاکڙي سان ٿي، جنهن ۾ مشهور پهلوانن حصو ورتو. پهرين، ٻين ۽ ٽئين جوڙ جي پهلوانن زور آزمائي ڪري خوب داد وصول ڪيو، جڏهن ته زور آزمائي دوران ڪيترائي پهلوان غش ٿي ڪري به پيا، جن کي بعد ۾ اٿاريو ويو.