سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو جي ڇھن يوسيز مان يوسي مستوئي ۾ پ پ طرفان نامزد اميدوار چيرمين تي طارق مستوئي وائيس چيئرمين عبدالوحيد مگسي ۽ ضلعي ڪائونسل تي ميمبر سھيل احمد مستوئي بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. يوسي حيدر چانڊيو تي پ پ جو چيئرمين اميدوار سرفراز احمد چانڊيو وائيس چيئرمين ارباب نبي بخش جاگيراڻي ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر قمر الدين گوپانگ جي ڊي اي پينل کي شڪست ڏئي غير حتمي نتيجن موجب ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. يوسي ڌڱاڻو مھيسر ۾ پڻ پ پ طرفان جي چيئرمين تي آفتاب گوپانگ وائيس چيئرمين محمد حسين ڀٽي ۽ ضلعي ڪائونسل تي عزيز رحمان مھيسر آزاد پينل کي شڪست ڏني. يوسي سجاول جوڻيجو ۾ پ پ طرفان چيئرمين تي منظور احمد بروھي وائيس چيئرمين تي شاھنواز ڀٽي ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر تي منظور احمد مگسي آزاد پينل جي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي. جڏھن تـ عرضي ڀٽو ۾ پ پ جي ناراض بيٺل پينل چيئرمين ڪرم الله ڀنگر وائيس چيرمين تي اختر علي لڪ ضلعي ڪائونسل ميمبر تي مير محمد ڀٽو پ پ اميدوارن کي شڪيت ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين يوسي ٺوڦ چوسول جي نتيجن جي خبر نـ ملي سگھي هئي.