سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو شھر جي روينيو آفيس آڏو شھدادڪوٽ رتوديرو روڊ تي يوسي ڌڱاڻو مھيسر جي ٻن ڳوٺن شرف الدين جلباڻي ۽ رسول آباد جي برسات متاثرن ٽريڪٽر ٽرالين، موٽرسائيڪل تي سوار ٿي  ٽائرن کي باھ ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن فقير رانجھن جلباڻي، غلام شبير جلباڻي، محمد مٺل جلباڻي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسان جو برساتن دوران گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، فصل ٻڏي ويا آھن، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته ٿيل نقصان جي سروي به ناهي ٿي، عملدار بااثرن جي فون تي من پسندن ۾ راشن ورهائي رهيا آهن، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.