ميروخان/ سجاول جوڻيجو (نمائندن وٽان) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽنڊو شهداد ۾ موڪل تي آيل فوجي جوان عرفان چانڊيو جو گهر مان لاش هٿ آيو. پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميروخان آندو،پوليس اهلڪار گداحسين چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڀائيٽيو عرفان چانڊيو پاڪ آرمي ۾ لاس نائيڪ ۽ سيال ڪوٽ ۾ ڊيوٽي ڪندو هو، 10 ڏينهن اڳ 20 ڏينهن جي موڪل ڪري ڳوٺ آيل هو، جنهن بنا ڪنهن ظاهري ڪارڻ جي پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي.