سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ۾ جوڳي محلا، لغاري محلا، مگسي محلا، ڌڻي بخش جتوئي، پنهل ڀٽي، شير خان اسراڻ، آچر ڏاوچ، لعل چند جي وانڍ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ڪريل جاين ۽ ٻڏل فصل جي سروي نه ٿيڻ خلاف متاثرن راهب جوڳي ۽ طالب جوڳي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر نويد مير محمد کوکر ۽ مختيارڪار عبدالوحيد جوکيو پ پ وارن جي چوڻ تي من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏئي رهيا آهن، برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿو ڪرايو وڃي.