سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو جي پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل ڳوٺ حيدر چانڊيو جي رهواسي پپن چانڊيو جو ڪيس داخل نه ٿيو نه ئي ايس ايس پي پاران جوڙيل جاچ شروع ٿي سگهي.فوتي جي چاچي ذوالفقار چانڊيو اڳوڻي ايس ايچ او احمد نواز تونيو ۽ نوناري برادري جي محرم، سڪيلڌو، اربيلو، منصور، عبدالغني، شهزادو مٿان ايڊيشنل سيشن جج شهدادڪوٽ وٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج شهدادڪوٽ اڳوڻي ايس ايچ او احمد نواز تونيو، ايس آءِ ذوالفقار ڪورائي، ڳوٺاڻن محرم سميت 6 ماڻهن کي 26 نومبر تي طلب ڪري ورتو. هوڏانهن ذريعن وٽان ڄاڻ ملي ته اڳوڻو ايس ايچ او احمد نواز تونيو ۽ وڏو منشي نيڪ محمد کوسو پاڻ بچائڻ ۽ بحالي لاءِ بااثر ماڻهن جي بنگلن ۽ بزرگن جي درگاهن تي ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي.ٻئي طرف اها به ڄاڻ ملي ته نوناري برادري جا ماڻهو اندروني طور فوتي پپن چانڊيو جي وارثن ڏانهن راڄوڻي لاءِ ميڙ منٿ ڪري رهيا آهن، تنهنڪري انڪوائري ۾ دير ٿي آهي هوڏانهن پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل  پپن چانڊيو واري واقعي جي انڪوائري ڪندڙ ڊي ايس پي ميروخان ثناءَ االله سيال ٻڌايو ته انڪوائري جاري آهي، فوتي جي وارثن ڏانهن بيان وٺڻ لاءِ ڪال ڪئي پر فوتي جا وارث نه آيا، اڄ ڳوٺ وڃي معلومات وٺي رپورٽ پيش ڪنداسين.