سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو تعلقي جي شهرن ۽ ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ برسات متاثرن کي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس مان ملندڙ سهولتون راشن 4 ڏينهن کان ختم ٿي ويو، هزارين برسات متاثرن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽  ڪلارڪ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان متاثرن ديدار علي، محمد بخش، روشن علي ڏاوچ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  برسات کانپوءِ هڪ مهينو اڳ اسان جي ڳوٺ آچر ڏاوچ ۾ سيشن جج جي نگراني ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري خيمن ۾ رهايو ويو جنھن ۾ دوائن گيس راشن مٺي پاڻيءَ سميت بنيادي سهولتن جو چيو ويو هو هن وقت تائين گيس جي سهولت نه ملي سگهي آهي راشن به نالي ماتر ڏنو وڃي ٿو، بيماريون ۽ غربت وڌي وئي آهي، ايس سي آفيس وڃي وڃي ٿڪي پيا آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.  هوڏانهن  اسسٽنٽ ڪمشنر نويد مير محمد کوکر ٻڌايو ته  راشن ٽينٽ ختم ٿي ويو آهي جڏهن مليو ته متاثرن کي ڏينداسون