سجاول جوڻيجو (ن پ ا )  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قمبر شھدادڪوٽ زاھد حسين ميتلو ٽينٽ سٽي پهتو، جتي متاثر عورتن ۽ مردن سيشن جج آڏو دانھن جا دفتر کولي ڇڏيا، متاثرن دانھيندي چيو ته اسان وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي، صحت جون سھولتون به ناھن، سيشن جج اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سجاول جوڻيجو کي حڪم ڪيو ته فورن ھنن کي راشن پيئڻ جو پاڻي صحت سھولتون فراھم ڪيون وڃن.