سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو لڳ ڳوٺ محمد آچر ڏاوچ ۾ برساتي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو، جڏهن ته   مين روڊ ٿاڻو هاءِ اسڪول سٽي ۽ ڪوٽ لعل بخش مھيسر جي مين گيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، ٻي طرف شهرين پاران ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  محمد امين ڏاوچ، ڪرم علي ڏاوچ، لاهوتي احمد جسڪاڻي، ارباب علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، اچ وڃ جا رستا بند ٿي ويا آهن پر شڪايتن باوجود ٽائون انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي،   ھوڏانھن ڊي سي قمبر جاويد نبي کوسو ٻڌايو ته  ٽائون آفيسر ۽ يوسي انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،