سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ بدين باءِ پاس روڊ وٽ ڪار کامي ۾ ڪري پئي، هڪ ڄڻو فوت، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي سجاول پوليس پهچي زخمين ۽ فوتي جي مڙھ کي تعلقي اسپتال سجاول پهچايو. ڪورنگي ٽائون ڪراچي جا رهواسي محمد ساجد، عمران خان ۽ زيبا بيبي ڪار ۾ بدين طرف وڃي رهيا هئا ته سجاول بدين باءِ پاس سومرا اسٽاپ وٽ ڪار ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورنگي ٽائون ڪراچيءَ جو رهواسي محمد ساجد موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته هڪ عورت زيبا بيبي ۽ عمران خان زخمي ٿي پيا. اطلاع تي سجاول پوليس پهچي زخمين ۽ فوتيءَ جي مڙهه کي تعلقي اسپتال سجاول پهچايو. حادثي بعد ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو.