اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي خصوصي معاون عطاءُ تارڙ چيف جسٽس جي اڳوڻي چيف جسٽس سجاد شاهه سان ڀيٽ ڪري ڇڏي، پنهنجي ڀيٽ پنهنجي ڏاڏي ۽ اڳوڻي صدر رفيق تارڙ سان ڪئي، هن چيو ته جڏهن به سجاد علي شاهه  جهڙي آمريت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي ته تارڙ به ايندو، ماضي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس سجاد علي شاهه آمريت قائم ڪئي هئي اڄ به معاملا جسٽس سجاد علي شاهه پارٽ ٽو طرف وڃن پيا، چيو آهي ته اهڙي ريت بينچون ٺهنديون ۽ ٽٽنديون رهيون ته اداري جي ساک ختم ٿي ويندي، ون مين شو هلي رهيو آهي، عوام ان کي قبول نه ڪندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ تارڙ چيو ته قوم جو دارومدار آئيني تشريح جي سمورن معاملن تي آهي، 4/3 جي فيصلي کي تسليم نه ڪيو ويو، اداري جي ڪهڙي حيثيت آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو سرڪيولر جو عمل ڏٺو آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ هاڻي ضروري ٿي ويو آهي، چئن ٽن تڪرارن جو حل به هاڻي ضروري آهي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته ماڻهو چئي رهيا آهن ته معاملو استعيفا ڏانهن وڃي رهيو آهي، ٻه تارڙ سرگرم آهن، اڳ مهم ۾ هڪ هو، هاڻي ٻه آهن، جيڪي آئين جي بالادستي لاءِ بيٺا آهن، هن چيو ته ان وقت به تارڙ بيٺو هو ۽ اڄ به بيٺو آهي، ماڻهو الزام لڳائي رهيا آهن، مختلف ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، حلف کڻڻ لاءِ تيار آهيان.