حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌي ليڪچرارن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي ليڪچرار جي 17هين گريڊ واري پوسٽ لاءِ 27 اميدوارن ڪاميابي ماڻي آهي جن ۾ غلام مرتضيٰ، ساجد حسين، عبدالحق، امتياز علي، عبدالستار، عزيز الله، محمد رفيق، احمد نواز، محمد اشرف، وقار، عبدالغفور، شعيب محمد، الهداد، ابوبڪر، محمد رياض، امان الله، منصور اڪبر، آصف علي، عبدالحميد، الاهي بخش، ذوالفقار علي، محمد سليم، سڪندر علي، لياقت علي، نصير احمد، عبداللطيف ۽ مينارٽي ڪوٽا تي ڪامياب ٿيل همراج شامل آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاس ٿيل اميدوار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هيڊ آفيس حيدرآباد ۽ ريجنل آفيس ڪراچي سان لهه وچڙ ۾ اچن ته جيئن ميرٽ جي بنياد تي سندن مقرريون ٿي سگهن.