سبق ويھون: عيد جو ڏينھن

0
168
سبق ويھون: عيد جو ڏينھن

 اڄ عيد جو ڌينھن آھي. ھر سال رمضان مھيني جي مھانگائي برداشت ڪرڻ کان پوءِ اسان مسلمان عيد ملھائيندا آھيون. عيد جو ڏينھن رات جو دير سان سرڪاري ٽي ويءَ تان ٿيل اعلان کان پوءِ شروع ٿيندو آھي. جڏھن ته اڳئين زماني ۾ ماڻھو عيد کان پھرين چنڊ ڏسڻ جھڙا خفا به ڪندا ھئا، پر ھاڻي جديد دور جي ضرورتن جي حساب سان اھو خفو فقط سرڪاري مولوي ڪندو آھي ۽ سڄيءَ قوم جا ننڍا توڙي وڏا ان اعلان جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا آھن.

                 عيد جي ڏينھن جي شروعات عام ڏينھن وانگر ناھي ٿيندي. ھن ڀلاري ڏينھن تي ھر ماڻھو چاھيندو آھي ته سڀني کان پھرين وھنجي، نوان ڪپڙا پھري، خوشبوءِ لڳائي عيد گاھ تي وڃي مھانگائيءَ جو مھينو ختم ٿيڻ جي دعا ۾ شامل ٿئي. خاص طور تي پوڙھن ۽ ٻارن کي گهڻي تڪڙ ھوندي آھي، ان ڪري عيد جي ڏينھن صبح سوير ھڪڙي غسلخاني وارن گهرن مان چانھن جي ديڳڙيءَ جي کڙڪن سان گڏوگڏ پوڙھن جي ڪروڌ ۽ لعنتن جا آواز پڻ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. تمام تڪڙ وارا ماڻھو، ڀر پاسي جي تلاءَ يا شاخ ۾ ٽٻي ھڻي به گذارو ڪندا آھن. خاص طور تي مرد وھنجي سھنجي نوان ڪپڙا پھري عيد گاھ جو رخ ڪندا آھن. خوشبوءِ سڄي ڳوٺ ۾ ميٺ محبت ھجڻ جي ڪري ھڪڙي ئي استعمال ٿيندي آھي، جيڪا عام طور تي ڳوٺ جي ڪنھن گهر ۾ دبئي کان تحفو ٿي پھتل ھوندي آھي. اھا خوشبوءِ وڏي اسر ٻاھر اڱڻ ۾ عوام جي سھولت لاءِ کٽ تي رکي ويندي آھي. ھن دور ۾ ماڻھو ڪڏھن به عيد گاھ تي نوان جوتا پائي وڃڻ جي غلطي ناھن ڪندا.

ڪوڏو به صبح جو سوير نوان ڪپڙا پائي، اڌاري سينٽ ھڻي پراڻا جوتا پھري عيد گاھ ڏي روانو ٿيو. اتي پھچي ڏٺائين ته ميدان ۾ پير رکڻ جي به جڳھ ڪانه ھئي ۽ مولوي صاحب وڏي واڪي ڀلاري مھيني جا فضائل بيان ڪري رھيو ھو. ھن به ٻين ماڻھن وانگر مولوي صاحب کي آخري ڦٽڪي جي طور تي برداشت ڪندي ٻڌو. عيد جو خطبو خاص ڏينھن جي دعا ھوندي آھي. ان ۾ اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، وطن، قوم ۽ پوري امت مسلمه جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون آھن. ڪوڏوءَ ڏٺو ته سالو ۽ رمو جيڪي سڄو سال ھڪٻئي سان نون ڄاول پلونگڙن جيئن ھر ڳالھ تي وڙھندا آھن، پاڙي وارن جي خير عافيت واري دعا ۾ ھو به ھڪٻئي لاءِ آمين چئي رھيا ھئا. خطبي کان پوءِ نماز ٿيندي آھي، جنھن ۾ سڀ مسلمان بنا ڪنھن تفريق جي سڌين قطارن ۾ ٿي بيھندا آھن ۽ ڌڻيءَ در سجدو ڪندا آھن. نماز کان پوءِ ھر ماڻھو پنھنجي ڀر واري ماڻھوءَ سان نه پر پاڙي جي وڏيري ٽوھ کي عيد مبارڪ ڏيڻ جي لاءِ ڊوڙندو آھي. ان ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان ۾ نوان ڪپڙا ڌوڙ ٿي ويندا آھن. ان کانپوءِ پنھنجي ويجھن دوستن عزيزن ۽ مٽن مائٽن توڙي اوپرن ماڻھن سان به عيد ملڻ جو سلسلو شروع ٿيندو آھي.

عيد نماز کانپوءِ ھر ڪو ماڻھو پنھنجي گهر ڏي ڊوڙ ڪندو آھي. ننڍا ٻار عيد گاھ جي ڀر ۾ لڳايل رانديڪن جي دڪانن تان رانديڪا خريد ڪندا آھن. ٻارن جا اھي رانديڪا خاص پنجوڻ تي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيا ويندا آھن. ڪي ٻار مٺائي جي دڪان تي به مارو ڪندا آھن، جن کي مٺاڻ ۽ کنگھ کان سواءِ کيسو خالي ڪرڻ جو مزو پڻ ايندو آھي. ائين اھي ٻار به ڪوڏيون کٽائي واپس پنھنجي گهرن ڏانھن ورندا آھن. گهرن ۾ امڙ ۽ گهر جون ٻيون عورتون سيون، کيرڻي ۽ ٻين لذيذ کاڌن جو ذڪر ڪري، نماز پڙھي واپس ٿيل وڏن ۽ ننڍن کي لسيءَ سان ماني ڏينديون آھن ۽ ائين ھر ڪو بيحد عمدن کاڌن جي ڳالھين مان مزو وٺي، لسيءَ جا وڏا وڏا ڍۡڪ ھڻندو ويندو آھي. گهر جا وڏا ٻارن کي عيد جي خرچي پڻ ڏيندا آھن.

ڪوڏوءَ پنھنجي ٻارن لاءِ آيل پاڙي کان خرچيءَ جا پيسا گڏ ڪري رکيا ۽ اھي ئي پيسا کليا ڪرائي، پنھنجن توڙي پراون ٻارن ۾ ورھائي پنھنجو فرض پورو ڪيائين. سندس ان عمل تي سندس گهر واري ڏاڍو خوش ٿي ۽ کيس دعائون پڻ ڏنائين. ڪوڏوءَ ڏٺو ته سندس پاڙي ۾ ٻه غريبن جا گهر ھئا، جن وٽ وڏي ڏينھن کائڻ ۽ پھرڻ لاءِ ڪي ڪين ھو. ڪوڏوءَ کي سندن حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ھن پنھنجي گهر واريءَ سان صلاح ڪندي، انھن غريبن جي پاسي کلڻ واري دري بند ڪري ڇڏي.

عيد جو ڏينھن خاص طور پنھنجي ويجھن عزيزن ۽ مٽن مائٽن توڙي دوستن سنگت سان ملڻ ۽ خوشيون ورھائڻ جو ڏينھن ھوندو آھي. ان ڪري ڪوڏو به سوچيندو رھيو ته اھا عيد ڪھڙي، جنھن تي ماڻھو ڪنھن جي گهر ۾ عذاب ٿي نازل نه ٿئي! ان ڪري ھن عيد تي ھن به پنھنجي ڳوٺاڻن دوستن سان سانگهڙ جي دوستن ڏانھن گهمڻ جو پروگرام رٿيو. ٻيا سڀ دوست پھچي ويا، فقط ربو نه آيو، ڇو ته امرڪوٽ وارا دوست ھن کان اڳ ۾ ئي پھريان ھن جي گهر پھچي ويا ۽ کيس سانگهڙ ھلڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. باقي سڀ دوست تڙ تڪڙ ۾ وين ۾ سوار ٿي سانگھڙ وارن دوستن ڏانھن نڪري پيا. واٽ تي ھنن ڊاڙا ٺڪاءَ ڪيا ۽ وين ۾ الٽيون ڪيائون. سانگهڙ ويجھو پھچڻ شرط ھنن پنھنجي دوستن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوري ڳوٺ جي سڀني ماڻھن جا نمبر بند ھئا. سانگهڙ شھر کان ٻارھن ڪلوميٽر پري سندن وين الٽيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ کيکراٽ ڪري بيھي رھي. ڊرائيور کين کلندي کلندي ٻڌايو ته گاڏيءَ جو فين بيلٽ ٽُٽي پيو آھي، ان ڪري شھر تائين ڌڪي ھلڻو پوندو. پر عيد جو ڏينھن خوشيءَ جو ڏينھن ھوندو آھي، ان ڪري سڀني دوستن گڏجي وين کي خوشيءَ خوشيءَ مان ڌڪڻ ۽ ڊرائيور توڙي وين جي مالڪن کي سليس لفظن ۾ پڪل گاريون ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو. وين مان ٿوري دير پھرين ايندڙ اڌاري پرفيوم جون خوشبوئون ھاڻي بغلن ۽ کڙين کان ٽمندڙ پگهر جي ڪري ڦٿل ٽماٽن ۽ خراب ٿيل ڌاڻن جي کٽي باس جي درجي تائين پھچي چڪيون ھيون. ٿوريءَ دير کان پوءِ سڀني دوستن ھڪ ھڪ ھٿ سان وين کي ڌڪڻ شروع ڪيو، ڇو ته ھڪ ھٿ سان ھو نڪ ڍڪي ھلي رھيا ھئا.

شھر پھتا ته عيد جي ڏينھن ڪٿي به مستريءَ جو نالو نشان ڪونه ھو. عيد جي خاص ڏينھن ھجڻ ڪري، شھر جا سڀ ننڍا وڏا ھوٽل بند ھئا، ان ڪري ڪٿي به کين ماني نصيب نه ٿي. اٺن مسترين جي دڪانن تي گاڏي ڌڪي پھچائڻ ۽ سڄو ڏينھن چانھين ۽ پاپن تي گذارو ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار ھنن ھڪ ٽريڪٽر ڀاڙي تي ڪيو ۽ پنھنجي وين کي ڇڪرائي رات جو دير سان پنھنجي ڳوٺ پھتا. ڳوٺ جي رولو ڪتن ھنن جو استقبال ڪيو ۽ ان شاندار استقبال جي دوران ڪوڏوءَ جي سٿرن کان شلوار ۽ پٺيءَ کان قميص ڦاٽي پئي. ڪوڏو جيئن گهر ۾ داخل ٿيو ته سندس گهر واري ھن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪري رھي. ھن اھڙي اوپري فقير کي ڏسي اول دورازو اندران زور سان بند ڪيو پر پوءِ اسپيشل ڪوڊ ورڊ ٻڌائي ھن دروازي جي پاس ورتي. ھن جي گهر واريءَ کيس ٻڌايو ته ھن کي آسرو ھو ته سندس ور ڪو سانگهڙ مان عيد جو ديڳڙو کڻي ايندو، ان ڪري ھن ڪجھ به نه رڌيو ھو. پر پاڙي وارا غريب مليل خيرات مان ٻه پٽاٽا ۽ سوجيءَ جي ٿالھي ھو کين به ڏئي ويا ھئا. ٻنھي ڄڻن سوجيءَ سان ڪچا پٽاٽا رھڙي کاڌا ۽ اھڙي شاندار عيد وري وري نصيب ٿيڻ جو دعائون گهري سمھي پيا.