ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين مفتاح اسماعيل کي جواب ڏيندي چيو ته توهان ته ٻيڙو غرق ڪري ويا هئا، اسان ٺيڪ ڪري رهيا هئاسين، قرض وڌيا آهن ته جي ڊي پي به وڌي آهي، هنن کي معيشت هلائڻ ئي نٿي اچي، شوڪت ترين دعويٰ ڪندي چيو ته سبسڊي لاءِ اسان پيسا ڏئي ويا هئاسين پر هي نه مڃيندا، اسان سبسڊي ڏيڻ لاءِ فنڊز مختص ڪيا هئا،پهرين ته هنن کي بارود سرنگهه نظر نه ايندي هئي، هاڻ ڇو ٿي اچي، تيل اگهن ۾ واڌ لاءِ هنن آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو، عوام کي بيوقوف نه بڻائن.