ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري جي چونڊ چھچٽو عروج تي پھتل آهي. تعلقي جي اھم يونين ڪائونسل سکپور ۾ پ پ پ سامهون راڄوڻي اتحاد پاران سرگرميون  تيز ڪيون ويون آهن، ڳوٺ احمد خان ڪلمتي ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ سوين ماڻهوَ شريڪ ٿيا. انهيَ سلسلي راڄوڻي اتحاد پاران آزاد  حيثيت ۾ بيھاريل اميدوار چئيرمين عنايت الله ڪلمتي وائيس چئيرمين اي ڊي شيخ ميمبر ضلعي ڪائونسل لڌو خان سميجو کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جي اپل ڪئي. ھنن چيو ٓهي ته سکپور جا راڄ اسان سان گڏ آهن وڏي اڪثريت سان ڪاميابيَ ماڻينداسين. هنن وڌيڪ چيو ته  پيپلزپارٽي غلط ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن جن ڪڏهن به عوام جا ڪم ناھين ڪيا اسان پنهنجي يوسي ۾ غريب ماڻهن جي حقن لا ميدان تي آيا آھيون ھنن چيو ته 15 جنوري تي سوزڪي ضرور ڪامياب ٿيندي.