ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ٽائيم نيوز تي يونين ڪائونسل ڪڪڙانڊ جي ڳوٺ عيسيٰ خاصخيلي ۾ پراسرار بيماري ۾ مبتلا نوجوان نسيم خاصخيلي جي ڄنگهه 2 مڻ ٿيڻ جي خبر نشر ٿيڻ تي ٽائيم نيوز ڦلجي اسٽيشن جي رپورٽر سجاد الرحمان پھنور ٽائيم نيوز جي بيورو چيف ميرپور خاص وارث خاصخيلي نوجوان کي کڻائي ڪراچي جي نجي اسپتال  داخل ڪرايو، جنهن جو پلاسٽڪ سرجري ذريعي ھڪ آپريشن ڪامياب ٿي ويو ۽ ٻيو آپريشن 27 مئي تي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد عبدالعزيز خاصخيلي چيو آهي ته ٽائيم نيوز جو ٿورائتو آھيان جنهن تي خبر نشر ٿي ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم رورل ويلفئير آرگنائيزيشين جي تعاون سان علاج ھلي رھيو آهي، ٽائيم نيوز جي ٽيم پڻ اسپتال ۾ موجود آهي، ھن چيو ته غريب ماڻهو آھيان ھٿ ۾ ڪجهه ڪونه ھو نوجوان گھر ۾ بيمار ھو اعلاج جي توفيق نه ھئي خدا ڪارڻ جن به منهنجي نوجوان اعلاج ڪرائي رھيا آهن انهن جو ٿورائتو آھيان.