ميرپورساڪرو (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) ساحلي پٽيءَ ۾ ٻاڪري ۽ ريڍي مال ۾ گھوگھي، منھن ويڙھ ۽ سمهاڙي جون بيماريون پکڙجي ويون. چوپايو مال مرڻ معمول بڻجي ويو. ڀاڳين جي شڪايتن باوجود لائيو اسٽاڪ کاتي ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. خبر موجب تعلقي ميرپور ساڪرو جي ساحلي پٽيءَ وارن علائقن جوھي، ڳاڙھي ڀٽ، کٽي جو ڪن، بقادار مڙھو، ماکيارو، ماسودي، کڳاڻ، پير محموداڻي ۽ ٻين ھنڌن تي ٻڪرين ۽ رڍن ۾ گھوگھي، منھن ويڙھ ۽ سمهاڙي جون بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن، جنھن سبب روزانو ھر واڙ مان 8 کان 10 جانور مرڻ معمول بڻجي ويو آهي. ڀاڳين ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته جانورن ۾ پکڙيل بيمارين بابت اطلاع ڏيڻ باوجود بيمار جانورن جي ويڪسين لاءِ ٽيمون نه پهچي سگهيون آهن. لائيو اسٽاڪ کاتو اگهور ننڊ ستل آھي. ڀاڳين گل مري، محبوب پنھور ۽ ٻين گھر لاڳاپيل اختيارين ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته هنگامي بنيادن تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي جانورن جي ويڪسين ڪرائي وڃي ته جيئن ڀاڳيا وڌيڪ مالي نقصان کان بچي سگهن.