ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري ڀرسان ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جوکيا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران گولي لڳڻ سبب مارجي ويل عورت سميرا جي قتل جو ڪيس ٻئي ڏينهن به داخل نه ٿي سگهيو. خبر موجب ميرپور ساڪري جي ليٽ اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ يعقوب جوکيو ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي واري رات دير سان جوکيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب سميرا جوکيو مارجي وئي ۽ ڳوٺاڻو چاڪر جوکيو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي رورل ھليٿ سينٽر گھارو ۾ داخل ڪرايو ويو. ڄاڻايل زخميءَ جي طبيعت ۾ بهتري نه اچڻ سبب گذريل ڏينهن کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. ٻئي طرف گذريل ڏينهن پ پ پ ايم پي اي ڄام گھرام جوکئي واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل ورتا ۽ ڌرين کي پرامن رھڻ جي اپيل ڪئي.