ساهرن طرفان سستو لهنگو موڪلڻ تي ڪنوار جو شاديءَ کان انڪار

0
436
هي ته گنجو آ! گهوٽ

نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي شاديءَ کان انڪار معمول بڻجي ويو آهي ۽ ويجهڙ ۾ ئي هڪ ڀيرو ٻيهر آخري وقتن ۾ شادي ڏکيائيءَ ۾ پئجي وئي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست اتراکنڊ جي علائقي ۾ ساهرن طرفان پسند جو لهنگو نه اچڻ تي ڪنوار شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي رشتي کان انڪار ڪري ڇڏيو

رپورٽن موجب ڇوڪريءَ جي ساهرن ٿيندڙ ڪنوار لاءِ لکنو مان 10 هزار ڀارتي رپين جو لهنگو گهرايو ۽ ڪنوار جي گهر موڪليو پر ڪنوار کي اهو پسند نه آيو. جنهن کانپوءِ ڪنوار لهنگو پسند نه اچڻ تي پنهنجي مڱيندي سان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو

رپورٽن موجب جوڙي جي هلندڙ سال جون ۾ مڱڻي ٿي هئي ۽ هن مهيني شادي هئي جنهن جا ڪارڊ به مائٽن ۾ ورهايا ويا آهن