سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ ۾ راند ڪندي ٻالڪ کليل گٽر ۾ ڪري فوت، ٻن ڪلاڪن بعد لاش هٿ، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب شهر جي پوليس لائين واري علائقي ۾ کليل گٽر  نالي مان معصوم ٻالڪ جو لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي ٻالڪ جو لاش سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻالڪ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻالڪ جي سڃاڻپ 9 سالا عمار پٽ عبدالرحمان پٺاڻ طور ڪئي وئي، ٻالڪ جي والد عبدالرحمان پٺاڻ ٻڌايو ته سندس پٽ ڪجھه گهڙيون اڳ گهران راند کيڏڻ لاءِ ٻاهر نڪتو، جنهن بعد اسان سندس ڪافي ڳولا ڪئي پر هو نه مليو، هن ٻڌايو ته ٻن ڪلاڪن بعد گٽر مان لاش ملڻ جو اطلاع مليو، هن ٻڌايو ته ٻالڪ راند ڪندي کليل گٽر نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو آهي، والد موجب ميونسپل انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا کليل گٽرن تي ڍڪ هڻڻ جو چيو پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو، جنهن ڪري معصوم ٻالڪ حياتي وڃائي ويٺو، فوت ٿيل ٻالڪ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.