جھول (اسپورٽس نيوز) سال 2022-2023 لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران جاري ڪيل شيڊول تحت اسپورٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۽ سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سھڪار سان ضلعي سانگهڙ ۾ پي سي بي انٽر اسڪول ليگ ٽورنامينٽ جي سري ھيٺ ضلعي جي 4 اسڪولن دي سٽي ھاير سيڪنڊري اسڪول، شاھ عبداللطيف لطيف ھاءِ اسڪول، ڪيمپس اسڪول مير حسن مري ۽ حاجي روشن دين ھاير سيڪنڊري اسڪول وچ ۾ مقابلا چيئرمين ۽ جنرل مينيجر سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن سيد راحت علي شاهه ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪوچ ڪاشف پرويز جي نگراني ۾ کيڏيا ويا، ٽورنامينٽ جي پھرين ميچ ڪئمپس ھاءِ اسڪول مير حسن مري ۽ شاھ عبداللطيف ھاءِ اسڪولن وچ ۾ کيڏي وئي جيڪا ڪئمپس هاءِ اسڪول مير حسن مري کٽي ورتي، رميز اعجاز کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.