سانگهڙ (رپورٽر) سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو گاڏي مان 250 ڪلو چرس هٿ ڪري 3 ليويز يونيفارم پهريل 3 جوابدارن عبدالخالق پٺاڻ، ڪاشف پٺاڻ ۽ زيتون خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ڳجهو اطلاع مليو ته ڪوئيٽا مان سنجهورو شهر ڏانهن سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو گاڏي اچي رهي آهي جنهن ۾ ليويز يونيفارم پهريل ڪجھه ماڻهو سوار آهن، جنهن بعد ناڪا بندي ڪري تلاشي دوران 250 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو، پوليس موجب ڪارروائي دوران 4 جوابدار فرار ٿي ويا.