سانگهڙ (رپورٽر) اٽو مهانگو غريب پريشان، سانگهڙ جي شهرين جو پريس ڪلب اڳيان انوکو احتجاج، مٽي ڳوهي ماني پچائي مهانگائي خلاف نعري بازي، شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن اٽي جي بحران خلاف پريس ڪلب آڏو مٽي ڳوهي ماني پچائي انوکو احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙن عامر راجپوت، اپنا الطاف، حاجي يامين قريشي ۽ ٻين چيو ته اٽو غريب مسڪين جي وٺڻ کان مهانگو ٿي ويو آهي، هن وقت 150روپيا ڪلو پيو ملي، جنهن ڪري غريب نٿا وٺي سگهن، هنن چيو ته حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا مڪمل طور خاموش آهن جيڪي غريبن کي لٽجڻ تي به ڪا ڪارروائي نه پيا ڪن، هنن مطالبو ڪيو ته اٽو سستو ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.