سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري سستو اٽو حاصل ڪرڻ لا مسڪين ماڻهو سياري جي ٿڌ ۾ رات جو اسٽالن ٻاهران ٻارڙن سان گڏ گذارڻ تي مجبور آهن، شهر ۾ سستي اٽي جو هڪ اسٽال لڳايو پيو وڃي جتي شهرين جي وڏي رش رهي ٿي، ٻڌايو پيو وڃي ته اسٽال تي هڪ سئو ٿيلها اٽي جا روزانو جي بنياد تي سرڪاري اگهه تي ڏنا پيا وڃن، شهر سميت ڀرپاسي جا غريب پورهيت سستو اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ راتيون اسٽال ٻاهران گذارين ٿا، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ هڪ کان وڌيڪ اٽي جا اسٽال قائم ڪيا وڃن.