سانگهڙ ۾ آبادگارن پاران ڦٽي جي غيرقانوني ڪٽوتي خلاف دانهون

0
466

سنڌڙي(ن پ ا) سانگھڙ جي فيڪٽري مالڪن پاران ڦٽي جي غيرقانوني ڪٽوتي ۽ خرچ وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري، آبادگارن پاران ڊي سي کان جاچ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ آبادگار عبدلقادر شر، محمد خان پنھور، نياز مري، امير مري، عبدالسلام ھاليپوٽو ”پنھنجي اخبار“ آڏو دانھيندي چيو ته اپر سنڌ جون فيڪٽريون نه کلڻ ڪري سانگھڙ جي فيڪٽري مالڪن ملي ڀڳت ڪري ڪپهه 200 مڻ واري في ٽرڪ تي 60 کان 80 ڪلو کوٽ ڏيکارين ٿا. ھتان جيڪا گاڏي ڪانٽو ٿي وڃي ٿي ان ۾ 80 ڪلو کوٽ سبب في ٽرڪ تي 12 ھزار نقصان ٿئي ٿو. ھنن چيو ته ڪمپيوٽرائزڊ ڪانٽن ۾ کوٽ ڪن ٿا جن سان ويٽ انسپيڪٽر مليل آھن جيڪي ڪانٽا چيڪ نٿا ڪن، جيڪي چيڪ ڪرايا وڃن ۽ ان سان گڏوگڏ فيڪٽري مالڪ في مڻ تي اضافي 20 رپيا ڪٽوتي ڪن ٿا ۽ خرچ جا پئسا به الڳ ڪاٽين ٿا. ھنن چيو ته جڏھن ڀاڻ سميت کاڌ خوراڪ جا اگهه ٻيڻا ھجڻ باوجود ڦٽي جي اگهه ۾ ڪو خاطر خواهه اضافو ناھي ٿيو. ھنن مطالبو ڪيو ته ڦٽي جو اگهه 8 ھزار رپيا مقرر ڪري آبادگارن مان بيچني ختم ڪئي وڃي. ھنن ڪمشنر بينظير آباد ۽ ڊي سي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو ته سانگھڙ جي سمورين فيڪٽرين جي ڪانٽن جو وزن چيڪ ڪري کوٽ ڪندڙ فيڪٽرين خلاف سخت ڪاروائي ڪري انھن کي سيل ڪيو وڃي.