ڌاٻيجي (ن پ ا) سانگهڙ واسي پيرسن عورت مسمات سڪينا جمالي پنهنجي پٽ رجب جمالي سان گڏ ڌاٻيجي پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته گذريل سال پنهنجي نياڻي گل بانو جمالي جي شادي ڪراچي واسي امتياز علي ڪٽوهر سان ڪرائي. ناٺي ڌيءَ تي مسلسل تشدد ڪندو رهندو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ ڌيءَ سان ملڻ آياسين ته سندس مڙس امتياز ڪٽوهر ۽ سندس والد لياقت ڪٽوهر اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته اوهان جي ڇوڪري 2 مهينا اڳ فوت ٿي چڪي آھي. ڪراچي پوليس ڪيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. اسان کي خدشو آهي ته مڙس ۽ سهري اسان جي نياڻيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آھي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي فوري طور انڪوائري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.